Home / پاڪستان / آصف زرداري ۽ شهبازشريف جي ايوان ۾ ملاقات

آصف زرداري ۽ شهبازشريف جي ايوان ۾ ملاقات

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سينيٽ چونڊن جي موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف سان ملاقات ڪئي. اربع تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جيئن ئي ايوان ۾ پهتو ته اپوزيشن ميمبرن تاڙيون وڄايون ان موقعي تي اڳوڻي صدر قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف سان به ملاقات ڪئي ايوان ۾ آصف زرداري ۽ شهبازشريف وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي اپوزيشن جا ٻيا اڳواڻ به ٻنهي اڳواڻن جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. زرداري ۽ شهباز جي ايوان ۾ ملاقات جي موقعي تي بلاول ڀٽو، خواجه آصف ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے