نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسلام آباد جي هڪ سيٽ کي اپوزيشن سياسي معاملو بنائي ڇڏيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد جي هڪ سيٽ کي اپوزيشن سياسي معاملو بنائي ڇڏيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ)  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اسلام آباد جي هڪ سيٽ کي اپوزيشن سياسي معاملو بنائي ڇڏيو آهي. بس ڪجهه دير جي ڳالهه آهي اسلام آباد مان عبدالحفيظ شيخ ئي کٽيندو.  صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته جيڪي  وڪامڻ وارا هوندا آهن اهي ڳجهي بيلٽنگ ۾ به وڪامي ويندا آهن جيڪي نه وڪامڻ وارا هوندا آهن اهي ڪڏهن به ناهن وڪامندا.  اپوزيشن پهريان چوندي هئي ته اليڪشن ۾ حصو نه وٺنداسين پوءِ هنن چونڊن ۾ به حصو ورتو ۽ هاڻ سينيٽ چونڊن ۾ به حصو وٺي رهيا آهن.ان حوالي سان پنجاب ۾ سڀني کان وڏو مقابلو ٿيندو هو پر اتي هنن ڪمال ڪيو ۽ سٺي نموني حصو ورتو.  علي حيدر گيلاني جي وڊيو ۽ تحريڪ  انصاف طرفان کنيل  اعتراضن تي شيخ رشيد چيو ته اسان سموري زندگي اهوئي ڏٺو آهي ته  چونڊون هڪ ڏينهن جون ٿينديون آهن. بعد ۾ ماڻهو اعتراض ڪندا رهندا آهن. تحريڪ انصاف اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيو آهي ان جو فيصلو اڄ نه ايندو. اڄ فيصلو اليڪشن جو ايندو.سينيٽ چونڊن ۾ اميدن کان هٽي ڪري نتيجن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته  ڪنهن صوبي مان هڪ سينيٽ جي سيٽ سان ڪوبه فرق ناهي پوندو پر اپوزيشن اسلام آباد جي هڪ سيٽ کي سياسي معاملو بنائي ڇڏيو آهي. هن اسلام آباد جي اليڪشن کي اليڪشن پلس ڪري ڇڏيو آهي. باقي ٻين صوبن کي خبر ئي ناهي ته ڪنهن ڪيترا ووٽ کنيا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے