Home / تازا ترين / شهيد مظفر چانڊيو ڪيس: روزاني سنڌ ٽائمز جي ايڊيٽر فراز چانڊيو جي مرتضيٰ وهاب سان ملاقات

شهيد مظفر چانڊيو ڪيس: روزاني سنڌ ٽائمز جي ايڊيٽر فراز چانڊيو جي مرتضيٰ وهاب سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) روزاني سنڌ ٽائمز جي ايڊيٽر ۽ شهيد پوليس انسپيڪٽر مظفر چانڊيو جي ڀاڻيجي انجنيئر فراز چانڊيو طرفان سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سان ملاقات. شهيد جي ڪيس بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ مرتضيٰ وهاب فوري طور آئي جي سنڌ کي فون ڪري رپورٽ گهرائي ورتي. رپورٽ ۾ ڪميٽي اعتراف ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد 4 ملزم پوليس اهلڪارن جي ڪردار شڪي هئو. جاچ رپورٽ ۾ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته انهن چئني ڄڻن خلاف ڪارروائي ڪري انهن خلاف ٻئي انڪوائري ويهاري سسپينڊ ڪيو وڃي. جاچ ڪميٽي طرفان شهيد مظفر چانڊيو تي لڳل بي بنياد الزامن جي پڻ ترديد ڪئي آهي. شهيد تي لڳل سڀئي الزام غلط ۽ بي بنياد آهن. رپورٽ ۾ اهو پڻ اعتراف ڪيو ويو ته پوليس کاتي جي ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم ۾ پڻ خاميون آهن ان کي تبديل ڪيو وڃي. جڏهن ٻيون ڪيتريون سفارشون پڻ جاچ ڪميٽي ڪيون آهن.  ملاقات دوران ترجمان سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب طرفان شهيد مظفر چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ هر ممڪن تعاون ڪرائڻ جي مڪمل خاطري پڻ ڪرائي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاڙڪاڻي ۾ اطباءَ ڪنوينشن، حڪيمن پاران حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو اعلان

لاڙڪاڻو( پ ر) پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ پاران هڪ ڏينهن جو اطباء ڪنوينشن قبيله بينڪوئيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے