Home / پاڪستان / سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي معاملي تي مخالف ڌر جو گوڙ، اسپيڪر جي ڊائس جو گهراءُ

سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي معاملي تي مخالف ڌر جو گوڙ، اسپيڪر جي ڊائس جو گهراءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران گوڙ، اجلاس شروع ٿيندي ئي ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ تي ڳالھائڻ جي اجازت نه ملڻ تي متحدا پاران گوڙ ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر جو گوڙ شروع ٿي ويو، متحده مميبر محمد حسين پوائنٽ آف آرڊر تي شهر ۾ پاڻي کوٽ تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري پر اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، مخالف ڌر جا سمورا ميمبر اسپيڪر جي روسٽرم آڏو گڏ ٿي ويا، مخالف مميبرن پاران ڪراچي کي پاڻي ڏيو جا نعرا ھنيا ويا، ايوان ۾ هل هنگامي سبب اسپيڪر اجلاس ڏهن منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، ڪراچي ڏهن منٽن جي وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو، جيئن اسپيڪر پهتو ته مخالف ميمبرن اسپيڪر جي روسٽرم آڏو گڏ ٿي نعريبازي شروع ڪري ڏني، اسپيڪر چيو تھ اجلاس جي ڪارروائي هلڻ ڏيو توهان کي بعد ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندس، ميمبرن پاران احتجاج سبب ايوان ۾ گوڙ باوجود اسپيڪر سوالن جي وقفو شروع ڪري ڇڏيو، حليم عادل شيخ جو چوڻ ھو ته ڪراچي سان ظلم آھي ,ڪراچي کي پاڻي نه ملي رهيو آھي . يزيدي رويو برداشت نه ڪبو ,سڄي سنڌ ۾ پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڪراچي ۾ شھري پاڻي لاءِ پريشان آھن، سنڌ سرڪار ڪجھ به نه پئي ڪري.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميرپور ماٿلو جي مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو

گهوٽڪي (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو جي  مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اڄ جي سٺي ڳالھ

Facebook

Twitter

تصويرن ۾ خبرون