Home / پاڪستان / دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پوليس مٿان حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه وقت کان اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن. شهر ۾ پوليس مٿان حملن تي ڳڻتي آهي. شيخ رشيد چيو ته گذريل رات به هڪ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل شهيد ٿيا آهن. اسان جي حڪومتي دور ۾ پوليس کاتي ۾ شهيدن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.گهرو وزير چيو ته اسلام آباد کي سيف سٽي ٺاهڻ جي لاءِ 150 موٽر سائيڪلون ايگل اسڪواڊ هن ئي هفتي ٺاهيون وينديون. هن ٻڌايو ته اڄ مان 2 ڏينهن  جي دوري تي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان بارڊر مينجمينٽ ڏسڻ وڃي رهيو آهيان. افغانستان جي طرف اوپن بارڊز تي فنيسنگ لڳائي رهيا آهيون جيڪو ڪم ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو. جڏهن ته سال جي آخر تائين افغانستان ۽ ايران بارڊر تي فينسنگ مڪمل ٿي ويندي.شيخ رشيد چيو ته عمران خان حڪومت جي  خواهش آهي ته سمورن بارڊرز تي هڪ اهڙو سسٽم آندو وڃي جنهن ۾ داخلا جي لاءِ اليڪٽرونڪ انٽري ۽ ايگزٽ هجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميرپور ماٿلو جي مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو

گهوٽڪي (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو جي  مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اڄ جي سٺي ڳالھ

Facebook

Twitter

تصويرن ۾ خبرون