Home / تازا ترين / لاڙڪاڻي ۾ اطباءَ ڪنوينشن، حڪيمن پاران حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو اعلان

لاڙڪاڻي ۾ اطباءَ ڪنوينشن، حڪيمن پاران حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو اعلان

لاڙڪاڻو( پ ر) پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ پاران هڪ ڏينهن جو اطباء ڪنوينشن قبيله بينڪوئيٽ لاڙڪاڻو ۾ منقعد ڪيو ويو جنهن جي صدارت پروفيسر حڪيم منصورالعزيز مرڪزي جنرل سيڪريٽري پاڪستان طبي ڪانفرنس ڪئي۔مهمانن ۾ مرڪزي۽ صوبائي عهديدار پروفيسرحڪيم سيد صابر علي شاه ۔پروفيسر حڪيم محمد احمد سليمي۔پروفيسر حڪيم محمد ابراهيم لاکهو۔پروفيسر حڪيم محمد منور شيخ۔اميدوار جنرل سيٽ سنڌ۔پروفيسر حڪيم سراج الدين چانڊيو اميدوار جنرل سيٽ سنڌ۔پروفيسر حڪيم سيد مختيار احمد برڪاتي اميدوار جنرل سيٽ سنڌ۔پروفيسر حڪيم شاهد محمود ناز اميدوار ٽيچر سيٽ ۔پروفيسر حڪيم شهزادو جاويد اميدوار ٽيچر سيٽ شامل هئا جڏهن ته ميزبان پروفيسر حڪيم خواجه معين الدين چانڊيو صدر پاڪستان طبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو ڊويزن جن هئا۔هن پروگرام ۾ پروفيسر حڪيم نظام الدين بليدي پرنسپل نئيشنل طبيه ڪاليج لاڙڪاڻو۽پروفيسر حڪيم عبدالقادر سولنگي پرنسپل مهراڻ طبيه ڪاليج موروخاص طور شرڪت ڪئي۔پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ۽ بعد ۾ آيل معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪون اوڍايو ويون۔هن ڪنوينشن ۾ حڪيمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي حڪيمن جي وڏي جلسي کي خطاب ڪندي پروفيسر حڪيم ابراهيم لاکو۔پروفيسرحڪيم منصور العزيز پروفيسر حڪيم سراج الدين چانڊيو۔پروفيسر حڪيم محمد منور شيخ پروفيسر حڪيم مختيار برڪاتي چيو ته هاڻي حڪيم سڄاڳ ٿئي چڪا آهن هاڻي سندن حقن تي ڌاڙو هڻن نه ڏينداسين۔هنن چيو ته حڪيمن سان هر دور ۾ ناروا سلوڪ رکيو ويو امتيازي سلوڪ سبب پاڪستان خاص ڪري سنڌ جا حڪيم پنهنجن جائز حقن کان محروم رهيا آهن۔هنن چيو ته انشاء الله پاڪستان طبي ڪانفرنس سڄي ملڪ ۾ چونڊون کٽي هن پوئتي پيل حڪيمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي۔هنن چيو ته سنڌ حڪومت طب ۽ طبيب کي ڀت سان لڳايو آهي۔کائين هاڻي حق ڇني وٺنداسين۔۽ ھر اسپتال ۾ ڪواليفائيڊ حڪيم مقرر ڪرائي کين روزگار مهيا ڪرائينداسين۔هنن چيو ته حڪيم دين محمد بلوچ جيڪو ٻوٽو پوکيو هيو اهو اڄ سراج الدين چانڊيو جي صورت ۾ وڌي وڻ ٿيو آهي۔هن خاندان طب ۽ طبيب جي هميشه خدمت ڪئي آهي۔هنن چيو ته حڪيم عزت واري روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اسان مريضن جي خدمت عبادت سمجهي ڪندا آهيون۔هنن چيو ته پاڪستان طبي ڪانفرنس جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري اعلي ايوان تائين پهچائڻ اوهان جو ڪم آهي اتي اوهان جي حقن لاء آواز اٿارڻ اسان جو ڪم آهي هنن چيو ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي سنڌين جيئن اسان جو استقبال ڪيو ان جو اسان اوهان جا قرضدار آهيون ۔اسان چونڊون کٽي لڪڻ وارا نه آهيون اوهان جي لاء جهڙي به جدوجهد جي ضرورت پئي ڪونه ڪيٻائينداسين۔هنن چيو ته جيتري به هن فن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي الله پاڪ اسان جي مدد ڪئي جو اڄ جو حڪيم  پاڻ کي حڪيم سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميرپور ماٿلو جي مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو

گهوٽڪي (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو جي  مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اڄ جي سٺي ڳالھ

Facebook

Twitter

تصويرن ۾ خبرون