دوهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ دائمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. اهڙو اظهار هن افغان مفاهمتي عمل لاءِ آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، جنهن ڇنڇر ڏينهن هتي ان سان ملاقات ڪئي. زلمي خليل زاد آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن معاهدي جي تازي صورتحال بابت پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا طالبان امن معاهدي کان پوءِ پاڪستان انٽرا افغان ڳالهين جي اميد رکي ٿو. افغانستان کي نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ عالمي برادري جي مدد جي ضرورت پوندي
