لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته شريف خاندان تي هن وقت خاموشي ڇانيل آهي، جڏهن اشارو ٿيندو تڏهن هو ڳالهائيندي. شريف خاندان نه ڪڏهن مزاحمت جي سياست ڪئي ۽ نه ئي ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ بار اليڪشن جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان پيپلز پارٽي ۾ ئي رهندم. آصف علي زرداري سنڌ مان سينيٽ جي سيٽ آفر ڪئي هئي، مان چيم 10 سال پنجاب مان رهيو آهيان، اهو ممڪن ناهي. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته پاڪستان ڪورونا کان محفوظ آهي جڏهن ته حفاظتي قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته افغانستان مان نيڪالي ۾ آمريڪا ۽ ٽرمپ جي ڪاميابي هوندي. ٽرمپ نيڪالي جو مطالبو اهڙي وقت ۾ تسليم ڪيو جتي هنن لاءِ ڏکيائي هئي. آمريڪا امن عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار تسليم ڪيو آهي.
