Home / تازا ترين / پوليس آفيسرن جون موڪلون ملتوي، پوليس پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي: غلام نبي

پوليس آفيسرن جون موڪلون ملتوي، پوليس پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي: غلام نبي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس ڪورونا وائرس جي خدشي کي نظر ۾ رکندي وڏين هوٽلن کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي.پوليس موجب مڇي مارڪيٽ، راشد منهاس روڊ ۽ گلستان جوهر سميت مختلف علائقن ۾ هوٽلون بند ڪرايون ويون آهن. جڏهن ته ننڍين هوٽلن کي في الحال بند ناهي ڪرايو ويو. ٻئي طرف ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا وائرس بابت ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن جون موڪلون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي جي سطح تي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. شادي هالن، تقريبن ۽ عارضي بازارن تي پابندي تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.ڪراچي پوليس چيف چيو ته جن 22 اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊ ٺاهيا ويا آهن ان کي سيڪيورٽي  ڏني وئي آهي ۽ ان اسپتالن ۾ ڪنهن بيمار ۽ وڏي عمر جي پوليس اهلڪار کي مقرر ناهي ڪيو ويو.غلام نبي ميمڻ چيو ته هڪ هزار پوليس اهلڪارن کي وڏن ڊيپارٽمنٽل اسٽورن جي ٻاهران مقرر ڪيو ويندو ۽ گارڊن هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ به آئيسوليشن وارڊ ٺاهيو ويندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ۽ نيازيءَ جي بدنيتي اڄ عوام آڏو وائکي ٿي وئي آهي: شاهد خاقان عباسي

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ ڪئميرا آڏو نيب جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے