Home / دنيا / ڪورونا وائرس سبب سارڪ تنظيم فعال، ايمرجنسي فنڊ ٺاهڻ جي تجويز

ڪورونا وائرس سبب سارڪ تنظيم فعال، ايمرجنسي فنڊ ٺاهڻ جي تجويز

اسلام آباد/نئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي سهڪار جي تنظيم سارڪ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي فنڊ جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن لاءِ ڀارت هڪ ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان پاران تجويز ڏني وئي آهي ته سارڪ ملڪن مان ڪنهن به مسافر جي اچڻ کان پهريان ان جي اسڪريننگ ڪئي وڃي، پاڪستان سارڪ ملڪن جي صحت وزيرن جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جي به حامي ڀري ورتي آهي، ڪالهه سارڪ ملڪن جي سربراهن ۽ نمائندن سان وڊيو ڪانفرنس ڪئي ۽ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ تعاون جي تنظيم (سارڪ) جي ميمبر ملڪن جي ڪورونا وائرس جي حوالي سان مشاورتي وڊيو ڪانفرنس ٿي آهي، ڪانفرنس ۾ ميمبر ملڪن ڪورونا جي وبا سان منهن ڏيڻ لاءِ صورتحال تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، ڊاڪٽر ظفر مرزا پاڪستان پاران هن وبا سان منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ حڪمت عملي کان ڪانفرنس کي آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان پهرئين ڏينهن کان هن وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ قدمن کڻڻ بابت پوري عزم سان ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان کان محفوظ رهڻ لاءِ پاڪستان جي فعال حڪمت عملي کي عالمي صحت جي اداري به نه رڳو تسليم ڪيو آهي پر ان جي تعريف به ڪئي آهي. هن سارڪ کي بنيادي پليٽ فارم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي سطح تي هن وبا سان منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ کي بااختيار بڻايو وڃي، ڊاڪٽر ظفر مرزا ايگزٽ اسڪريننگ جي تجويز پيش ڪندي چيو ته سارڪ جي ميمبر ملڪن خطي ۾ ايندڙ مسافرن جي نڪرڻ کان پهريان انهن جي اسڪريننگ ڪن ۽ ان وبا سان منهن ڏيڻ لاءِ چين جي اڻ ٿڪ ڪوششن کان سکندي طريقيڪار جوڙيو وڃي ته جيئن ان وبا کان بچي سگهجي ۽ ان تي ضابطو آڻي سگهجي، هن چيو ته پاڪستان ممڪنه طور تي جلد کان جلد سارڪ ملڪن جي صحت وزيرن جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، ان موقعي تي ان حوالي سان سارڪ سيڪريٽريٽ کي بااختيار بڻائن ۽ ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ جي اختيار بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو. ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته اسان جو نعرو آهي ته تيار رهو پر پريشان نه ٿيو، وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪورونا وائرس مرض (سي او وي آءِ ڊي 19) ايمرجنسي فنڊ قائم ڪيو وڃي جنهن لاءِ ڀارت هڪ ڪروڙ ڊالر ادا ڪندو. هن چيو ته سارڪ ملڪن ۾ دنيان جي هڪ ڀاڱي پنج آبادي رهي ٿي ان حساب سان هن خطي ۾ مريضن جو انگ گهٽ رڳو 150 آهي پر ان کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. گڏجي هن مرض کي شڪست ڏئي سگهون ٿا، ڀارتي ميڊيا موجب سارڪ ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومتي نمائندن اهو قدم کڻڻ تي ڀارتي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صولح چيو ته هن وائرس کي ڪا به قوم اڪيلي سر منهن نه ٿي ڏئي سگهي، مالديپ جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ تي ڀارت جو ٿورائتو آهيان. سري لنڪا جي صدر گوٽبايا راجا پاڪسا چيو ته وبا جي ڪري اسان جي ملڪ جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. سارڪ ملڪن جي حڪومتن کي ڪورونا کانپوءِ واري صورتحال ۾ معاشي صورتحال کي گڏجي منهن ڏين ۽ ان لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. افغانستا جي صدر اشرف غني سارڪ ملڪن کي ٽيليميڊيسن فريم ورڪ جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته سرحدون سيل نه ڪيون وڃن ان سان ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا، خوراڪ، دوائن ۽ بنيادي شين جي کوٽ جنم وٺندي، وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ چين جي تجربي مان سکڻ گهرجي. بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا ان معاملي تي سارڪ ملڪن جي صحت وارن وزيرن جي ڪانفرنس طلب ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته اهي به وڊيو ڪانفرنس ڪن، اهڙيون ڳالهيون ٽيڪنيڪل سطح تي لاڳو ڪيون وڃن، صحت وارا وزير، سيڪريٽري ۽ ماهر هڪٻئي سان رابطي ۾ رهن. ڀوٽان جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي چيو ته اسان جا گڏيل قدم سارڪ کي ڪورونا وائرس کان پاڪ رکڻ ۾ مدد ڪندا. ڀوٽاني وزيراعظم لوٽي ٽشيرنگ چيو ته اسان سڀني لاءِ اهم آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪريون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وائرس جي ِڊپ سبب آمريڪا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون تي غور شروع

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪرونا وائرس سبب آمريڪا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون تي غور شروع ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے