Home / تازا ترين / ڪهڙيون شيون ڏسي بلڊ بئنڪس کولڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪهڙيون شيون ڏسي بلڊ بئنڪس کولڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ اسپتالن ٻاهران غيرقانوني بلڊ بئنڪس واري ڪيس ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واڳيل اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي معيار تحت بلڊ بئنڪس کولڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، ماڻهن جي زندگيءَ سان کيڏيو پيو وڃي ۽ سنڌ ۾ بلڊ بئنڪس هلائڻ لاءِ ڪابه اٿارٽي نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري اسپتالن ٻاهران غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت، ڊي جي بلڊ ٽرانسميشن اٿارٽي ۽ ٻين لڳاپيل اختيارن کي نوٽيس جاري ڪري کين 31 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ جناح، سول ۽ عباسي اسپتال سميت ٻين صوبي جي ٻين شهرن ۾ اسپتالن ٻاهران غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪس تي غير معياري رت ڏني پئي وڃي. جڏهن ته بلڊ بينڪس ۾ اسڪرينگ جي لاءِ غير معياري ڪٽس آهن، بلڊ بينڪن جي ڪا به نگراني نه پئي ڪئي وڃي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته بلڊ بينڪن کي ريگيوليٽ ڪير ڪري رهيو آهي؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته بلڊ بينڪ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ماتحت ناهي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ماڻهن جي زندگيءَ سان کيڏيو پيو وڃي، عوام پنهنجي رت ڏئي گهربل رت وٺي رهي آهي، اوهان بلڊ بينڪ هلائڻ جي اجازت ڪهڙين شين کي ڏسي ڏيندا آهيو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترين ئي بلڊ بينڪن ۾ اسڪريننگ جي ڪا به ڪٽ ناهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته بلڊ بينڪن وارو معاملو حساس آهي، ان کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو. ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي بلڊ بينڪ کُلي ويو آهن، انهن کي ڪير چيڪ ڪرڻ وارو آهي به يان نه؟ سنڌ ۾ ڪا اٿارٽي آهي، جيڪا انهن بلڊ بينڪن کي چيڪ ڪري؟ عدالت چيو ته عوام جيڪڏهن رت خريد ڪري لڳرائي به ته مريض جي زندگيءَ کي خطرو هوندو آهي، بلڊ بينڪ کي چيڪ ته ڪرڻ گهرجي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پُڇيو ته سنڌ حڪومت غير معياري بلڊ بينڪن خلاف مهم ڇو نه ٿي شروع ڪري؟ ڏٺو وڃي ته بلڊ بينڪ اڄ جي جديد دور ۾ مطابق ڪم ڪري رهي آهي يان نه؟

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ۽ نيازيءَ جي بدنيتي اڄ عوام آڏو وائکي ٿي وئي آهي: شاهد خاقان عباسي

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ ڪئميرا آڏو نيب جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے