Home / دنيا / ڪرونا وائرس جي ِڊپ سبب آمريڪا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون تي غور شروع

ڪرونا وائرس جي ِڊپ سبب آمريڪا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون تي غور شروع

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪرونا وائرس سبب آمريڪا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون تي غور شروع ڪيو ويو آهي رپورٽس موجب آمريڪا ۾ وبائي مرضن جي ماهرن ۽ صدر ٽرمپ جي ڪرونا وائرس ٽاسڪ فورس جي ميمبر ڊاڪٽر انٿوني فاسي گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪرونا وائرس جي بيماري پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سڄي آمريڪا کي مڪمل طور تي لاڪ ڊائون به ڪرڻو پوي ته ان جي حمايت ڪنداسين آمريڪين کي اها حقيقت سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جڏهن هي ملڪ هن بيماري جي پکڙجڻ جي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته ملڪي حالتون مختلف نظر اينديون. واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس سان متاثر شهرن ۾ نيويارڪ سٽي پهرين نمبر تي آهي جتي ان جي مريضن جو انگ هڪ هفتي اندر 25 مان وڌي 270 ٿي ويو آهي نيو يارڪ جي ميئر خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر هي انگ هڪ هزار کان وڌي سگهي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي، عورت زخمي

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے