Home / پاڪستان / عدليه ۽ صحافت رياست جا ٻه بنيادي ٿنڀ آهن انهن کي لوڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين: لاهور هاءِ ڪورٽ

عدليه ۽ صحافت رياست جا ٻه بنيادي ٿنڀ آهن انهن کي لوڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جنگ ۽ جيو جي ايڊيٽر ان چيف مير شڪيل رحمان کي وڪيلن، گهرڀاتين ۽ ذاتي ڊاڪٽر سان ملاقات سميت گهر مان کاڌو گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سومر تي مير شڪيل رحمان جي زال، مڙس جي گرفتاري کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جنهن ۾ نيب جي چيئرمين، ڊي جي نيب، احتساب عدالت جي جج ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب مير شڪيل رحمان کي گرفتار ڪندي 2019 جي بزنسمين پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڊي جي نيب گرفتاري کان اڳ چيئرمين نيب کان قانوني راءِ نه ورتي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اعتزاز احسن عدالت کي ٻڌايو ته شاهينا شڪيل، مير شڪيل جي زال آهي، ان تي عدالت سوال ڪيو ته ڇا هو عدالت ۾ موجود آهي، اعتزاز احسن ٻڌايو ته اها عدالت ۾ موجود آهي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا مير شڪيل رحمان نيب وٽ پيش ٿيو هو، ان تي ان جي وڪيل چيو ته کيس نيب طلب ڪيو ۽ هو نيب جي ٽيم وٽ پيش ٿيو، 12 مارچ تي ٻيو ڀيرو کيس طلب ڪيو ويو ۽ هو ٻيهر پيش ٿيو، 12 مارچ تي سوال نامي لاءِ گهرايو ويو هو پر گرفتار ڪيو ويو، ڪيس جو رڪارڊ نيب لاهور ۾ هو، نيب جي چيئرمين ان ڏينهن اسلام آباد مان وارنٽ جاري ڪيا، مير شڪيل رحمان کي نيب آفيس ۾ اجايو رکيو ويو،عدالت سوال ڪيو ته هاڻ مير شڪيل رحمان جسماني ريمانڊ تي آهي، ڇا اهڙي صورتحال ۾ هي ڪيس ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن تي اعتزاز احسن چيو ته مير شڪيل رحمان جي جسماني ريمانڊ کي به چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن ۾ نواز شريف کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ان تي مير شڪيل جي وڪيل ٻڌايو ته اخبار ۾ پڙهيو آهي ته نواز شريف کي به طلب ڪيو ويو، نيب جي وڪيل چيو ته مير شڪيل رحمان جو ڪيس انڪوائري اسٽيج تي هو، جنهن تي عدالت چيو ته توهان کي مير شڪيل کان پڇا ڪرڻ گهرجي ها ۽ سوالن جا جواب وٺڻ گهرجن ها، جيڪڏهن هو جواب نه ڏئي ها ته توهان قانوني ڪارروائي ڪريو ها، نيب احتساب جو عمل ڀل ڪري، جڏهن ته احتساب قانون موجب ٿيڻ گهرجي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا مير شڪيل رحمان کي ان ڪري گرفتار ڪيو ويو ته ان جي اخبار ۽ ٽي وي حڪومت تي تنقيد ڪري ٿي جنهن تي نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته نيب جو حڪومت سان ڪو به ادارو ناهي نيب آزاد ادارو آهي ۽ قانون م وجب ڪم ڪري رهيو آهي عدالت ريمارڪس ڏنا ته عدليه ۽ صحافت رياست جا ٻه بنيادي ٿنڀ آهن انهن کي لوڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. شڪايت جي تصديق جي شروعاتي مرحلي ۾ گرفتاري جو ڪهڙو سبب هو نيب جي چيئرمين شڪايت تي ٿيندڙ رپورٽ ڏسڻ بنا وارنٽ ڪيئن جاري ڪري ڇڏيا اسان آڏو وزيراعظم هجي يا عام ماڻهو عدالت قانون موجب هلندي جنهن کانپوءِ عدالت مير شڪيل الرحمان کي روزانو ميڊيڪل چيڪ اپ، گهريلو کاڌو، دوائون، واڪ، فيملي سان ملاقات ۽ اخبارون ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي عدالت چيو ته مير شڪيل الرحمان کي ذاتي ڊاڪٽر عظمت ۽ وڪيلن کي به ملاقات جي اجازت ڏني وڃي عدالت ٻڌڻي 26 مارچ  تائين ملتوي ڪري ڇڏي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے