Home / تازا ترين / سنڌ ۾ڪورونا جا ڪيسز 104 ٿي ويا، قرنطينه وارو ڪم صوبائي نه پر وفاقي حڪومت جو آهي: مراد علي شاهه

سنڌ ۾ڪورونا جا ڪيسز 104 ٿي ويا، قرنطينه وارو ڪم صوبائي نه پر وفاقي حڪومت جو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي/ اسلام آباد (رپورٽرن وٽان ) سکر ۾ وڌيڪ 11 زائرين کي ڪورونا جي تصديق بعد سنڌ ۾ مريضن جو انگ وڏي 87 ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته تافتان سرحد کان سکر منتقل ڪيل وڌيڪ 30 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جِن مان وڌيڪ 11 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، اهڙي ريت سکر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 61 ٿي ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 87 ٿي ويو آهي.وڏي وزير مرا دعلي شاهه چيو آهي ته تافتان سرحد کان سکر منتقل ٿيل زائرين مان ڪنهن کي به خطرو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي اڳواٽ ئي قرنطين توڙي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي. مريضن جو انگ وڌي 105 ٿي ويو. سنڌ ۾ وڌيڪ 48 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد متاثرن جو مجموعي طور انگ وڌي104 ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ 10 ڪورونا جي مريضن کي آئسوليشن ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4، گلگت بلتستان ۾ 3 ۽ هڪ ڪورونا جو مريض لاهور ۾ آهي. اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي مجموعي طور 106 ٿي ويو آهي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايران مان ٻين صوبن ۾ آيل زائرين کي ڪورونا جي تصديق نه ٿيڻ تي خوشي سان گڏ پريشاني به آهي. سکر منتقل ٿيل زائرين مان ماڻهن کي خطرو آهي، جيڪي ماڻهو هٿيڪا نه ٿيا آهن، اُنهن مان خطرو آهي. وڏي وزير سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي 5 کان وڌيڪ منتقلي جي تصديق ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه اهڙو اظهار ڪراچي ۾ ڪورونا جي حوالي سان جڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جو مسئلو گهڻو سنجيده آهي، ڪورونا وائرس چين مان آيو پر اُنهن وائرس خلاف جنگ ڪئي، اسان وٽ چين مان ڪورونا وائرس جو ڪوبه ڪيس نه آيو آهي. تافتان سرحد کان سکر منتقل ڪيل زائرين مان علائقي جي ماڻهن کي ڪوبه خطرو نه آهي، البته کين احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته زائرين هٿ اچي ويا ۽ اُنهن کي آئسوليٽ يا الڳ ڪيو ويو آهي، اصل مسئلو اُهي آهن جيڪي هٿيڪا ناهن ٿيا. سکر جي ليبر ڪالونيءَ ۾ فليٽس کي قرنطين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڪورونا وائرس جي مريض جو ڪوبه علاج نه آهي، بس اُنهن کي الڳ ڪمري ۾ الڳ ڪيو ويندو آهي، سو جِن فليٽس کي قرنطين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، اُتي موجود مريضن جو خيال رکيو پيو وڃي ۽ احتياط سان کين کاڌو به مهيا مهيا ڪيو پيو وڃي. پريس ڪانفرنس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڪورونا جا مريض صحتياب ٿي رهي آهن، هن وائرس جو ڪوبه علاج ناهي، بس اهو آهي ته ڪنهن کي وائرس ٿيو آهي ته پاڻ کي الڳ ڪري، پاڻهي ئي ٺيڪ ٿي ويندو آهي. توهان کي پنهنجي قوت مدافعت جو نظام ٺيڪ آهي ته ڪجهه به نه ٿيندو، ٻين ماڻهن مان وائرس لڳي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن مريض جي ٽيسٽ 2 ڀيرا نيگيٽو اچي ته سمجهو اُهو ٺيڪ ٿي ويو آهي. 27 مريضن جي سفري هسٽري آهي، اُنهن مان 8 ڄڻا شام مان آيا، 3 دبئي مان آيا هئا، جڏهن ته مقامي سطح تي وائرس جي منتقلي 5 کان وڌيڪ آهي. سعودي عرب مان 5 ۽ هڪ قطر مان ڪورونا جو ڪيس آيو آهي، جڏهن ته لنڊن مان به هڪ وائرس جو متاثر آيو آهي، ڪوئيٽا کان هڪ ٻار آيو، اُن ۾ به ڪورونا وائرس هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته مسئلو ڪِٽس جو ناهي، ٽيسٽ جو آهي، سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڪورونا جي ٽيسٽ ٿي رهي آهي، هتي روزانو 200 ٽيسٽ ڪري سگهجن ٿيون. ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته احتياط ڪن ۽ هڪٻئي کان پري رهن. قرنطينه وارو ڪم صوبائي نه پر وفاقي حڪومت جو آهي. اها سٺي ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ٻين صوبن ۾ زائرين مان ڪورونا وائرس جي تصديق ناهي ٿي، اِن تي پريشاني به آهي ته ماڻهو ته ساڳين جاين تان اچن ٿا، پوءِ ٻين صوبن ۾ ڪيس ڇو نه اچي رهيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ۽ نيازيءَ جي بدنيتي اڄ عوام آڏو وائکي ٿي وئي آهي: شاهد خاقان عباسي

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ ڪئميرا آڏو نيب جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے