Home / پاڪستان / ڪابينا مان منظور ٿيل ادارن کي خانگائڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم جي هدايت

ڪابينا مان منظور ٿيل ادارن کي خانگائڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم جي هدايت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا مان منظور ڪيل ادارن کي خانگائڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي حڪومتي ناڻي تي بار بڻجندڙ سرڪاري ادارن کي خانگائڻ قومي مفاد ۾ آهي، ادارن کي خانگائڻ، انتضمام يا لاڳاپيل کاتن کي منتقل ڪرڻ واري عمل جو مقصد معاشي خسارو گهٽائڻ ۽ ادارن جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ آهي هن عمل ۾ ڪاروباري طبقي ۽ پيڪيج مئنجيمينٽ جي ماهرن سان به صلاح مشورا ڪيا وڃن سومر تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ صنعت واري وزارت جي انتظام هيٺ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويو عبدالرزاق دائود، سيڪريٽري صنعت ڊويزن ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صنعت ڊويزن جي انتظام هيٺ 38 ادارا آهن جن مان 13 جي نجڪاري، 10 کي ضم پنجن کي لاڳاپيل ڊويزن ۽ صوبن کي منتقل ڪرڻ کانپوءِ وزارت وٽ رڳو 9 ادارا بچندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے