Home / رانديون / ڪرونا وائرس جي خطرن سبب پي ايس ايل بنا نتيجي ختم

ڪرونا وائرس جي خطرن سبب پي ايس ايل بنا نتيجي ختم

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکيڙ کي نظر ۾ رکندي پي ايس ايل بنا نتيجي ختم ڪري ڇڏي. لاهور ۾ پي سي بي اختيارين ۽ فرنچائيز مالڪن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکيڙ ۽ وڏي انگ ۾ شهرين جي متاثر ٿيڻ واري مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فرنچائيز مالڪن سان صلاح مشوري کانپوءِ پي سي بي “پاڪستان سپر ليگ” جو پنجون ايڊيشن بنا نتيجي ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے