Home / پاڪستان / ڪرونا وائرس سبب جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو

ڪرونا وائرس سبب جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جمعي نماز جي اجتماعن تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وڊيو لنڪ ذريعي ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي جمعي نماز جي اجتماعن جي باري ۾ تجويزون منظور ڪندي جمعي جي اجتماعن تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي جمعي جي نماز مختصر ۽ گهران وضو ڪري اچڻ جي تجويز ڏني ويندي، جڏهن ته نمازين جي صفن ۾ فاصلو وڌائڻ ۽ ٻيون احتياطي تبدبيرون اختيار ڪرڻ جي به تجويز ڏني ويندي.ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ان معاملي تي عالمن سان وڌيڪ صلاح مشورا به ڪندو، وزيراعظم گذريل ڏينهن مولانا طارق جميل سان به ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر مذهبي اجتماع محدود ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ان حوالي سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے