Home / پاڪستان / ڪٽس ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون،چين عزم ۽ همت سان وائرس جو مقابلو ڪيو: شاهه محمود
President Dr. Arif Alvi in a meeting with Chairman National People’s Congress of China, Li Zhanshu in Beijing on March 17, 2020.

ڪٽس ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون،چين عزم ۽ همت سان وائرس جو مقابلو ڪيو: شاهه محمود

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽس ۾ چين اسان جي مدد ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي صدر عارف علوي سان گڏ چين جي دوري تي پهتو. بيجنگ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته دوري جو مقصد هتان جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته چين عزم ۽ همت سان وائرس جو مقابلو ڪيو، اڄ سڄي دنيا چيني حڪومت جي قدمن جي پيروي ڪري رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چيني قيادت سان علائقائي صورتحال ۽ افغان امن عمل تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ڪشمير سميت ٻين معاملن تي به ڳالهائينداسين. پرڏيهي وزير موجب چين پاڪستاني شاگردن جو خيال رکيو ۽ ڀرپور سهڪار ڪيو، چين ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽس بابت به اسان جي مدد ڪئي. جڏهن ته صدر عارف علوي جي چين جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ڪرونا وائرس سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے