Home / پاڪستان / انفرادي طور تي پنهنجي حفاظت ڪرڻ گڏيل اجتماعي حفاظت برابر آهي:آرمي چيف

انفرادي طور تي پنهنجي حفاظت ڪرڻ گڏيل اجتماعي حفاظت برابر آهي:آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هن وقت هر انفرادي قدم اهميت وارو آهي، پاڪ فوج قومي حفاظت ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بيان جاري ڪندي چيو آهي ته انفرادي طور تي پنهنجي حفاظت ڪرڻ گڏيل اجتماعي حفاظت برابر آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو آهي ته پهريان انفرادي طور تي حفاظت ڪرڻي آهي ته جيئن حڪومت ۽ انتظاميا جي ڪوشش ڪامياب ٿي سگهي. آرمي چيف چيو آهي ته ائين ڪرڻ سان ئي قومي جي حفاظت ڪرڻ واري ڪوششن ۾ ڪاميابي ملندي، ڪو به خطرو ذميدار ۽ باهمت قوم کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته جيئن چين ڪورونا وائرس کي شڪست ڏني، اسان به اهڙي ريت ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام جي مدد پنهنجي مقصد ۽ فرض جيان ادا ڪنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے