Home / پاڪستان / پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ ٻه لک 75 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي

پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ ٻه لک 75 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ ٻه لک 75 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي ۽ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ موت اٽلي ۾ ٿيا آهن، جتي وائرس سبب 4032 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جيڪو انگ چين کان به وڌيڪ آهي، امريڪا ۽ انڊيا 22 مارچ کان هڪ هفتي جي لاءِ بين الاقوامي اڏامن کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، يورپي يونين 30 ڏينهن جي لاءِ يونين کان ٻاهر سمورن مسافرن جي لاءِ پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهن، آمريڪا ۾ ان وائرس سبب متاثرن جو انگ 14 هزار کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي ۽ واشنگٽن پنهنجي شهرين کي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے