Home / شوبز / مون کي پنهنجي شادي هڪ خواب لڳي رهيو آهي: احد رضا مير

مون کي پنهنجي شادي هڪ خواب لڳي رهيو آهي: احد رضا مير

ابوظهبي (شوبز) شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪار احد رضا مير کي پنهنجي شادي هڪ خواب جيان لڳڻ لڳي آهي. خوبصورت اداڪاره سجل علي سان گڏ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪار احد رضا مير هن وقت وقت متحده عرب امارات ۾ ئي آهي ۽ اتي ئي ضيا نورائي ٻيٽ تي هن جي شادي به ٿي هئي.اداڪار پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي زال سجل علي سان گڏ آهي ۽ ٻئي ڄڻا تصوير ۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهيا آهن جڏهن ته تصوير جو منظر به نهايت ئي وڻندڙ اهي.اداڪار لکيو آهي ته مون کي اهو سڀ اڃان به هڪ خواب لڳي رهيو آهي ۽ مون کي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ غيرحقيقي محسوس ٿي رهيو آهي. واضح رهي ته ٻنهي اداڪارن جي شادي گذريل هفتي ابوظهبي ۾ پنهنجي وارثن جي موجودگي ۾ ٿي هئي.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے