Home / پاڪستان / وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي: عارف علوي

وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي: عارف علوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جي ٻين قومن جيان پاڪستانين کي به ڪورونا جي وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.صدر عارف علوي پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي قوم جي تاريخ جو هڪ اهم ڏهاڙو آهي. 1940 جو هي اهو ڏينهن هو جڏهن لاهور جي تاريخي قرارداد پاس ڪئي وئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن اسان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.هن چيو ته اڄ اسان والاريل ڪشمير جي عوام سان حمايت جو اظهار ڪريون ٿا. ڪشميرين کي غيرانساني لاڪ ڊائون جي ذريعي نشانو بنايو ويو آهي. والاريل ڪشمير جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان ڪشميرين جي حقن جي لاءِ سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. صدر چيو ته دنيا کي ڪورونا وائرس جي ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.اڄ سڄي دنيا مشڪل وقت مان گذري رهي آهي. اسان پاڪستانين کي به هن وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ ٻيو طبي عملو هن  بحران ۾ دفاع جي اولين صف ۾ شامل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا مريضن جو علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو: ڊاڪٽر طاهر شمسي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين آءِ بي ڊي ۾ بلڊ ڊزيز جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر طاهر شمسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے