Home / تازا ترين / سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون،بازارون ۽ مُک رستا بند، خلاف ورزي تي ڪيترائي گرفتار

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون،بازارون ۽ مُک رستا بند، خلاف ورزي تي ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي گادي وارو شهر لاڪ ڊائون تحت ويران ٿي ويو آهي، هڪ پاسي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي ملير ضلعي سوڌو ٻين علائقن ۾ ماڻهن جا هجوم توڙي گاڏيون هلڻ باوجود پوليس حرڪت ۾ نظر نه آئي آهي. ڪورونا جو پکيڙ روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون ٿي ويو آهي، ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي مٿن لٺبازي ۽ ٿڏي تي ئي سزائون ڏنيون ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي روڊ بند ڪيا ويا آهن، ماڊل ڪالوني کان ايئرپورٽ ويندڙ روڊ گاڏين لاءِ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ملير هالٽ کان ماڊل ڪالوني ويندڙ سمورا رستا به بند ڪيا آهن. شاهه فيصل ڪالوني ۾ به رينجرز اهلڪارن کانسواءِ پوليس ۽ ٽريفڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. لاڪ ڊائون دوران بئنڪس ۾ سروسز جاري رکنديون، بجلي، پاڻي، ٽي وي ڪيبل، انٽرنيٽ اور ٽيلي ڪام سروسون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهنديون. لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جو گشت جاري آهي، جڏهن ته شهر جي مرڪزي دڳن کي پڻ بند ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي حڪمن موجب لاڪ ڊائون دوران صوبي ۾ سبزي، ميڊيڪل ۽ ڪريانا جا دڪان کليل رهندا. ملير ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون ڦڙتيون نالي ماتر نظر آيون آهن، جتي پوليس اهلڪار رڳو بيٺل آهن ۽ پابندي باوجود هڪ گاڏيءَ ۾ 3-3 ماڻهو سوار آهن، جڏهن ته گهٽين ۽ مختلف پاڙين ۾ ماڻهن جا هجوم گڏ هجڻ باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادا حرڪت ۾ نه آيا آهن. اُن کانسواءِ صدر، ايمپريس مارڪيٽ، ڪلفٽن، گذري، پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، اختر ڪالوني، ڊفينس، گلستان جوهر، ڀٽائي آباد، پرفيوم چوڪ، جوهر موڙ ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ لاڪ ڊائون تحت بازارون بند رهيون، جڏهن ته رستن تي مسافر گاڏيون غائب آهن، باقي عام ماڻهو موٽر سائيڪل ۽ گاڏين ذريعي اچ وڃ ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته بسز، آن لائين ٽئڪسي سروسز، رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وغيره کي رستن تي هلڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪمشنر جي هدايتن جي اُبتڙ صورتحال نظر آئي ۽ رستن تي رڪشا توڙي گاڏيون هلندي نظر آيون، البته مسافر بسز غائب آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا مريضن جو علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو: ڊاڪٽر طاهر شمسي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين آءِ بي ڊي ۾ بلڊ ڊزيز جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر طاهر شمسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے