Home / تازا ترين / اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 651 ڄڻا فوت، سفر تي پابندي لاڳو

اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 651 ڄڻا فوت، سفر تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 651 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ موذي وبا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ يورپي ملڪن پنهنجي شهرين مٿان سفر ڪرڻ لاء مڪمل طور تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ڪورونا وائرس گذريل سال ڊسمبر ۾ چين جي شهر ووهان مان منظر عام تي آيو هو ۽ جڏهن فوتگيون وڌيون ته چين جي حڪومت فوري طور تي هنگامي قدم کڻندي شروع ۾ ڪجهه شهرن ۽ پوءِ سڄي هوبئي صوبي کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب چين کي وبا تي قابو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي ۽ هاڻ اتي ڪورونا ڪيسن جو انگ به گهٽ ٿي ويو آهي ۽ متاثر ماڻهو به صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن.چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 فوتگيون ۽ 39 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سمورا نوان ڪيس ان ماڻهن  کي ٿيا آهن جيڪي پرڏيهه مان سفر ڪري آيا هئا. چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ به 10 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ بيجنگ ۾ لهندڙ سمورن اڏامن کي ٻين شهرن طرف موڙيو ويو آهي.چين ۾ فوتين جو گڏيل انگ 3 هزار 270 ۽ ڪيسن جو انگ 81 هزار 93 ٿي ويو آهي. 72 هزار 703  مريض صحتياب ٿيڻ کان پوءِ گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.اٽلي:هوڏانهن يورپي ملڪ اٽلي ۾ ڪورونا وائرس جون تباهيون لاڳيتو جاري آهن ۽ گذريل ڏينهن به 651 نيون فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کان پوءِ اٽلي ۾ فوتين جو گڏيل انگ  5 هزار 476 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 60 هزار تائين پهچي ويو آهي. اٽلي جي حڪومت ڪورونا وائرس تي قابو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي شهرين مٿان سفر ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.اسپين:اٽلي کان پوءِ يورپ جو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ اسپين آهي جتي 22 مارچ تي ڪورونا وڌيڪ 393 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون جنهن کان پوءِ اتي فوتين جو انگ هڪ هزار 772 ٿي ويو آهي.فرانس ۽ برطانيه:فرانس ۾ به وڌيڪ 112 فوتگين کان پوءِ گڏيل انگ 674 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن برطانيه ۾ وڌيڪ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ يورپي يونين کان تازو ئي ڌار ٿيندڙ ملڪ ۾ فوتين جو ٽوٽل انگ 281 ٿي ويو آهي.ايران:ايران ۾ به ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو سلسلو جاري آهي ۽ اتي به گذريل ڏينهن 129 ڄڻا موذي وبا سبب فوت ٿي ويا هئا. اسلامي جمهوريه ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ هڪ هزار 685 ٿي ويو آهي.آمريڪا:آمريڪي رياست بائي متحده ۾ به ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ اتي 117 وڌيڪ فوت ٿيڻ کان پوءِ فوتين جو انگ 419 ٿي ويو آهي. آمريڪا جي رياست اوبائيو ۽ رياست لوزيانا کي بند ڪيو ويو آهي ۽ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. نيويارڪ جي ميئر عوام کي خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس  جي حوالي سان اپريل جو مهينو مارچ ۽ مئي جو مهينو اپريل کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو. ڪيسن  جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيندو ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي به کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ تقريبن 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا  وائرس سبب لاڪ ڊائون ۾ آهن ۽  37 هزار 995  ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.ياد رهي ته گذريل سال چين جي شهر ووهان مان منظر عام تي ايندڙ ڪورونا وائرس هاڻ دنيا جي 192 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي جنهن جو گڏيل طور تي 3 لک 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 14 هزار 476 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته وبا مان متاثر 98 هزار کان وڌيڪ ماڻهو به صحتياب ٿي چڪا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي، بلوچستان ۾ سازشون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے