Home / پاڪستان / سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ فوج طلب ،گلگت ۾ لاڪ ڊائون

سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ فوج طلب ،گلگت ۾ لاڪ ڊائون

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ فوج طلب ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون لاءِ وفاقي حڪومت کان فوج کي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کانپوءِ پنجاب ۽ بلوچستان به وفاق کي فوج مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار وفاق کان سيڪشن 245 تحت صوبي ۾ پاڪ فوج کي مدد جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت ايمرجنسي آهي اسان سڀني کي گڏجي هن چيلنج جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 5 خاص اسپتالون ٺاهي رهيا آهيون. ايمرجنسي جي صورت ۾ پنجاب حڪومت هڪ لک ماڻهن جي سار سنڀال ڪري سگهندي، صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي خوراڪ جي کوٽ ناهي. هوڏانهن بلوچستان جي حڪومت به ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي ۾ پاڪ فوج جي مقرري لاءِ وفاقي گهرو وزارت کان مدد طلب ڪري ورتي آهي.ٻئي طرف گلگت بلتستان جي حڪومت گذريل رات 12 وڳي کان گلگت شهر ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، ترجمان پاران چيو ويو ته ٻن ڏينهن ۾ حالتون ٺيڪ نه ٿيون ته فوج کي طلب ڪيو ويندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے