Home / پاڪستان / ملڪ ۾ 803 مريضن ۾ وائرس جي تصديق،6 فوت، سنڌ۾ جو انگ352 ٿي ويو

ملڪ ۾ 803 مريضن ۾ وائرس جي تصديق،6 فوت، سنڌ۾ جو انگ352 ٿي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان ) بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ مريض فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين پوري ملڪ ۾ 803 مريضن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. ڪوئٽا جي فاطمه جناح اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو متاثر 66 ورهين جو شخص فوت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتي مريضن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 166 ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 799 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 352، پنجاب ۾ 225، اسلام آباد 15، بلوچستان 108،ڪي پي31، گلگت 71 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ مريض علاج هيٺ آهن. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 60 ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ مريضن جو انگ وڌي 352 ٿي ويو، سرڪاري ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 24 ۽ سکر ۾ ڪورونا جا 34 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سرڪاري ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ 24 ماڻهن ۾ ڪوورنا وائرس جي تصديق ٿي آهي،جنهن کانپوءِ شهر ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 129 ٿي ويو آهي، جڏهن ته انهن مان هڪ مريض جو تعلق حيدرآباد سان آهي. ترجمان موجب دادو ۾ به گذريل هفتي ايران کان ڳوٺ پهتل شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. پڌرائي موجب تفتان کان آيل زيارتين لاءِ سکر ۾ ٺاهيل قرنطينا مرڪز ۾ وڌيڪ 34 ماڻهن ۾ قاتل وبا جي تصديق ٿي آهي،جنهن کانپوءِ سکر ۾ متاثرن جو انگ 221 ٿي ويو آهي. ترجمان موجب سنڌ ۾ چار مريض صحتياب ٿي ويا آهن، جن مان ٽن جو تعلق ڪراچي ۽ هڪ جو تعلق حيدرآباد سان آهي،جڏهن ته ڪورونا جو هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي. گذريل ڏينهن پنجاب ۾ 86، سنڌ ۾ 60، گلگت بلتستان ۾ 16، بلوچستان ۾ 4 نوان ڪيس سامهون آيا هئا، پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 225 ٿي ويو آهي. وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ آهي ته ڊي جي خان ۾ 175، لاهور ۾ 34، گجرات ۾ 4، گوجرانوالا ۾ 4، جهلم ۾ 3، راولپنڊي ۾ 2، ملتان ۾ 2 ۽ سرگوڌا ۾ هڪ مريض آهي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 مريض سامهون اچڻ بعد ڪل مريضن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي،جڏهن ته هڪ مريض صحتياب ٿي چڪو آهي. خيبر پختونخوا ۾ گذريل ڏينهن هڪ شهري ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد صوبي ۾ فوتي مريضن جو انگ 3 ٿي ويو آهي. ڪي پي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته صوبي ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 31 آهي، جڏهن ته 170 شڪي مريض آهن،جن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي. گلگت بلتستان ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 16 ڪيس سامهون آيا هئا، ڪنهن بعد مريضن جو انگ وڌي 71 ٿي ويو آهي. هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو، جنهن جو علاج جاري آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا مريضن جو علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو: ڊاڪٽر طاهر شمسي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين آءِ بي ڊي ۾ بلڊ ڊزيز جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر طاهر شمسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے