Home / پاڪستان / پاڪستاني قوم مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي: عمران خان

پاڪستاني قوم مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي.وزيراعظ۾ عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم پاڪستان  جي بدولت برصغير پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي سڃاڻپ کي هٿي ڏئي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي علامه اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي ڏسيل رستي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو. اسان ان جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي.هن سال يوم پاڪستان ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته مان پنهنجي ملڪ جي رهواسين کي درخواست ڪريان ٿو ته هو خوف ۾ مبتلا نه ٿين پر حفاظتي تدبيرون اختيار ڪن. مان پاڻ هن وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهيان.انشاءَالله اسان هن آزمائش ۾ ڪامياب وينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان اڄ والاريل جمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي 231 ڏينهن کان پنهنجي سرزمين تي نه صرف قيد آهن پر ڀارت جي رياستي ظلم ۽ جبر جو دليري سان مقابلو به ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته الله اسان کي پنهنجا قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي عطا فرمائي ۽ هلندڙ آزمائش ۾ اسان کي ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ۽ همت به ڏئي.(آمين)

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے