لاهور: (شوبز) پاڪستاني ٽيليوزن جي مشهور اداڪاره هانيه عامر عوام کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ جا مشورا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.اداڪاره هانيه عامر ماسڪ پائيندڙ جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي ۽ پنهنجي پيغام ۾ مشورن جو ڍير لڳائيندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي ماسڪ جو استعمال لازمي ڪريو ۽ رش وارين جڳهين تي نه وڃو. هانيه عامر چيو ته ماڻهن کان پري رهو.هٿ ملائڻ کان به پاسو ڪيو وڃي. وٽامن سي جو استعمال ڪريو ۽ گرم پاڻي ۾ ليمي جو رس وجهي پيئو. اداڪاره عوام کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته بنا ڪنهن سبب جي آڱريون نڪ ۽ وات ۾ نه وجهو، هر 15 منٽن کان پوءِ هٿ ڌويو، خشڪ کنگهه يا زڪام هجي ته فوري طور تي چيڪ اپ ڪرايو.سفر مان واپسي اچو ته ٽيسٽ ضرور ڪرايو.
