Home / پاڪستان / ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فوتين جو انگ 25 ٿي ويو، وڌيڪ 85 ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فوتين جو انگ 25 ٿي ويو، وڌيڪ 85 ڪيس رپورٽ

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان/بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا اڄ وڌيڪ 61 ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثر مريضن جو انگ وڌي 627 ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 25 ٿي ويو آهي، اڄ سنڌ،گلگت ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ 85 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن بعد ملڪ ۾ مجموعي طور ڪورونا وائرس جي متاٿرن جو انگ 1872 ٿي ويو آهي، هيل تائين ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ 6، پنجاب ۾ 9، خيبرپختونخواهه ۾ 5، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. اڄ سنڌ مان 61، گلگت بلتستان ۾ 14 ۽ بلوچستان ۾ 10 وڌيڪ نوان ڪيسز سامهون آيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 61 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان ڪراچي ۾ 45، حيدرآباد ۾ 14 ۽ ڄامشوري ۾ 2 ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ ڪيس سامهون آيا آهن. ڪراچي ۾ نون ڪيسن کان پوءِ مجموعي ڪيسن جو تعداد 294 ۽ حيدرآباد ۾ 57 ٿي ويو آهي، جڏهن ته دادو ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ هڪ ۽ ڄامشوري ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو موجب ڪراچي واسي ٽن مريضن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ وبا جي تصديق ٿي هئي جيڪي علاج دوران ٽئين مريض فوت ٿي ويا آهن.، فوتي ٿي ويلن جي عمر 66، 63 ۽ 52 سال هئي. بلوچستان ۾ اڄ اڱاري ڏهاڙي تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 10 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جن جي تصديق صوبائي حڪومت جي ترجمان طرفان ڪئي وئي آهي بلوچستان صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا نوان ڪيسز رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ مجموعي انگ 154 ٿي ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے