Home / تازا ترين / سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جاري، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاروباري مرڪز بند

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جاري، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاروباري مرڪز بند

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي نائين ڏينهن به ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاروباري مرڪز بند آهن، حيدرآباد ۾ پوليس جي نرمي سبب شهرين جا هجوم لڳي ويا، رستا کولڻ بعد شهر ۾ ٽرانسپورٽ به هلي رهي آهي، راڌڻ ۾ صحافتي ذميواريون ادا ڪرڻ دوران پوليس صحافي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، کاڌ خوراڪ نه ملڻ ڪري پورهيت طبقو بکن ۾ پاهه ٿي ويو آهي. صوبي ۾ نائين ڏينهن به لاڪ ڊائون هجڻ ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند آهي، مستحقين کي کاڏ خوراڪ نه ملي سگهيو. حيدرآباد شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند پيل آهي، صبح جو 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين پوليس پاران نرمي سبب ڀاڄين توڙي فروٽن ۽ کاڌي پيتي جي دڪانن تي شهرين جي رش لڳي وئي. پوليس پاران رستا کولڻ بعد شهر ۾ ٽرانسپورٽ به هلي رهي آهي ۽ شهري گهرن ۾ رهڻ بدران گهٽين ۽ چوراهن تي گهمي ڦري رهيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سرڪار پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ سختي سان عمل ڪرائڻ واري حڪم تي لاڙڪاڻو پوليس حرڪت ۾ اچي وئي. شهر جي مک جناح باغ چوڪ، بندر روڊ، ريشم گلي، شاهي بازار، جيلس بازار، لاهوري محلو، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري ضرورت جي وقت نڪرندڙ شهرين کان سخت پڇاڻو ڪيو پيو وڃي. لاڪ ڊائون سبب بي روزگار ٿيل مزدور طبقي جي ماڻهن کي راشن نه ملڻ ڪري دانهون ڪرڻ لڳا آهن، ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪن ته روزگار ڏيو يا راشن ڏيو ته جيئن زندگيون بچي سگهن. راڌڻ شهر ۾ لاڪ ڊائون دوران صحافتي ذميواريون ادا ڪرڻ تي نئون ڳوٺ جي ايس ايڇ او بھرام پنھور “ پنھنجي اخبار” جي نمائندي خورشيد لاکير کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي صحافين سخت مذمت ڪندي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. مٺياڻي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند روڊ رستا ويران بڻيل آهن، شھر جي گهٽين ۽ چوڪن تي ماڻھن جا ھجوم ڏسي پوليس ڊوڙائي کين گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو. دوڙ شھر ۾ اڄ نائين ڏهين به لاڪ ڊائون برقرار، پوليس ۽ رينجرز جو گشت جاري آهي، ڪريانه، ميڊيڪل اسٽورز، اسپتالون، سبزي، مڇي مرغي جي دڪانن کانسواءِ سمورو ڪاروبار بند پيل آهي. نوشهروفيرزو، پانڌي، ڪوٽ لالو، خانواهڻ کپرو ۽ سنڌڙي شھر مڪمل طور بند آهي، ڏھاڙي دار طبقو بيروزگاري سبب گھرن ۾ فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. سنڌڙي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻيلهه سواري جي ڀڇڪڙي ڪندڙ 4 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪرمپور شهر ۾ لاڪ ڊائون تي عمل گهٽجڻ سبب شهر جزوي طور کلي ويو ۽ ماڻهن جي شهر ۾ اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي، بيروزگاري کان تنگ ماڻهن ننڍا ننڍا ڪاروبار کولڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. کڏڙو، فيض گنج، قاضي احمد ۽ ميهڙ نائين ڏينھن به لاڪ ڊائون هجڻ سبب کير، ڏهي،ڀاڄين ۽ ميڊيڪل اسٽورز کان علاوه سڄو ڪاروبار بند آهي. هالا شهر جون مختلف بازارون کلڻ جي اطلاع تي پاڪ آرمي ۽ مقامي پوليس جا دستا شهر جي مختلف علائقن ۾ فوري ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي دڪاندار کي گرفتار ڪري ورتو. درگاهه روڊ، ڀاگڙي بازار، باب النوح گيٽ سميت مختلف هنڌن تي دڪان کوليندڙ خلاف ڪارروائي دوران رينجرز جي اهلڪارن کليل دڪان بند ڪرائي ڇڏيا ۽ گرفتار ڪيل دڪاندان کي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ٽنڊوڄام ۾ لاڪ ڊائون سبب بازارون ۽ شاپنگ سينٽر ويران بڻيل آهن، ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ سوين پورھيت بيروزگار ٿي ويا، رستم شهيد روڊ، ناڪو اسٽاپ، ايم ٽي ايم روڊ ۽ ٽنڊوقيصر روڊ تي ڪنڊي واريون تارون ۽ رڪاوٽون وجهي رستا بند ڪيا ويا. دادو، سجاول ڪنڌڪو، ميرپور خاص، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ به سنڌ حڪومت جي ڪيل لاڪ ڊائون سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن، پوليس رينجرز جو گشت جاري آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے