Home / تازا ترين / قاتل وبا سڄي دنيا ۾ 37 هزار ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، انگ 8 لکن کان وڌي ويو

قاتل وبا سڄي دنيا ۾ 37 هزار ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، انگ 8 لکن کان وڌي ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ قاتل وبا ڪورونا وگهي 37 هزار ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، وائرس جي متاثرن جو حقيقي انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ آهي. چين کانپوءِ يورپ ۽ هاڻ آمريڪا ڪورونا وائرس جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، پر يورپ ۾ هاڻ به عالمي وبا جي ڪري فوتگين جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، اٽلي ۽ اسپين سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو سمجهي ٿو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ جڏهن ڪورونا وائرس جي وبا پنهنجي عروج تي هوندي، آمريڪا پنهنجي رياستن کي وينٽي ليٽرز جي سپلاءِ ۽ ٻيو سامان پهچائڻ ۾ لڳل هوندو. ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ڀارت ۾ لاڪ ڊائون آهي، ان باوجود مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪووڊ 19 جي متاثرن جي انگ ۾ هڪ ڏينهن اندر وڏو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ڏکڻ ڪوريا اعلان ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران قرنطينه مان بنا ضرورت ٻاهر نڪرڻ تي قيد به ٿي سگهي ٿو. ورلڊ بينڪ موجب ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي معاشي بحران ختم ڪرڻ ممڪن ناهي، ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو غربت کان ڇوٽڪار حاصل ڪري نه سگهندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي، بلوچستان ۾ سازشون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے