Home / تازا ترين / آمريڪي رياستن فلوريڊا، نيويارڪ ۽ الي نوائي ۾ لاڪ ڊائون

آمريڪي رياستن فلوريڊا، نيويارڪ ۽ الي نوائي ۾ لاڪ ڊائون

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا جي ٽن رياستن ۾ ڪورونا وائرس سبب غيرضروري ڪاروبار اڻڄاڻايل مدي تائين بند ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪا جي رياستن فلوريڊا، نيويارڪ ۽ الي نوائي ۾ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٽنهي رياستن ۾ غير ضروري ڪاروبار به اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. نائب آمريڪي صدر مائيڪ پنس جي هڪ ماتحت جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو. پريس سيڪريٽري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب آمريڪي صدر مائيڪ پنس جو مريض سان ڪوبه رابطو نه هو. ياد رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن  ۾ 49 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 284 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ به ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ۽ نيازيءَ جي بدنيتي اڄ عوام آڏو وائکي ٿي وئي آهي: شاهد خاقان عباسي

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ ڪئميرا آڏو نيب جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے