Home / رانديون / وزيراعظم ڪرونا جي پيش نظر ملڪ ۾ ڪرفيو لڳائي: شعيب اختر

وزيراعظم ڪرونا جي پيش نظر ملڪ ۾ ڪرفيو لڳائي: شعيب اختر

اسلام آباد: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر وزيراعظم عمران خان کان پنجاب ۾ به لاڪ ڊائون ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو آهي ته صفائي اڌ ايمان هو جنهن کي اسان وساري ويٺا آهيون. ڪورونا وائرس کان پوءِ سڀني کي ياد اچي ويو آهي ته صاف نصف ايمان آهي. هڻ وقت صورتحال اها آهي جو وڌندڙن ڪيسن کي ڏسندي پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي ڪيٽيگري ۾ وڌو ويو آهي. ماضي جي اڳوڻي عظيم بالر چيو ته ضروري ڪم جي لاءِ ٻاهر ويو هئس، ان دوران مان نه ڪنهن سان مليس ۽ نه ئي وري ڪنهن سان هٿ ملايو.ان دوران مون 4-4 ڇوڪرن کي موٽر سائيڪلن تي ويهندي ڏٺو شهري پهاڙن تي وڃي پڪنڪ ملهائي رهيا آهن. هڪ ٻئي جي گهرن ۾ ملڻ جي لاءِ اچي رهيا آهن. ڀارت ۾ ماڻهن پاڻ کي پاڻ ئي گهرن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اسان وٽ ڇو ماڻهو گهرن ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهن. هي سڌو سنئون قتل عام آهي. اوهان نه صرف پنهنجو پر ٻين جي زندگين سان به کيڏي رهيا آهيو. جيڪڏهن ٻاهر وڃڻ ضروري آهي ته ٻن ميٽرن جو فاصلو رکو.شعيب اختر چيو آهي ته ڪورونا وائرس هوا ۾ رهندو آهي، اهو سوچڻ بند ڪريو ته گرمي پوڻ سان هي وائرس ختم ٿي ويندو. اڃان تائين ان جي ويڪسين به ناهي نڪتي. منهنجي وزيراعظم کي درخواست آهي ته هو فوري طور تي ملڪ کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏي. اٽلي لاڪ ڊائون ڪرڻ ۾ دير ڪري ڇڏي هئي هاڻ اتي پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن.ڪيس وڌيڪ وڌندا پيا وڃن. وزيراعظم کي چوندس ته ماڻهو ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. مهرباني ڪري اوهان ملڪ ۾ ڪرفيو لڳايو. شهرين کي هڪ ڪلاڪ ڏيو جنهن ۾ شهري وڃي راشن خريد ڪري سگهن. شعيب اختر حڪومت کي ايران سان لڳندڙ بارڊر کي به بند ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مان پنهنجون ذميواريون نه پيو نڀائي سگهان ته مان پنهنجو پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس: وقار يونس

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستاني ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته جيڪڏهن ڪارڪردگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے