Home / دنيا / ٽرمپ پاران(ڊبليو ايڇ او) کي سخت تنقيد جو نشانو، فنڊ بند ڪرڻ جي ڌمڪي

ٽرمپ پاران(ڊبليو ايڇ او) کي سخت تنقيد جو نشانو، فنڊ بند ڪرڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پريس ڪانفرنس ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته مان هاڻ هن اداري جا فنڊ روڪڻ تي غور شروع ڪندس.ياد رهي ته ان کان اڳ به ٽرمپ هن ئي سال دوران صحت جي عالمي اداري کي آمريڪي فنڊنگ اڌ ڪرڻ جو خيال ظاهر ڪري چڪو آهي. پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ صحت جي عالمي طرفان مٿان چين جي طرفداري جو الزام لڳائيندي چيو ته هن اداري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ فيصلن ۽ عملي قدمن ۾ دير ڪئي جنهن سبب هي عالمي وبا سنگين بڻجي وئي آهي.واضح رهي ته هن وقت آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ چار لک کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي جڏهن ته اتي  هن وبا سبب تقريبن 13 هزار ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ٽرمپ ان کان اڳ به ڪورونا وائرس کي(چائنا وائرس) چئي چين ۽  صحت جي عالمي اداري تي تنقيد به ڪري چڪو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوري دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر جو انگ 22 لک کان وڌيڪ ٿي ويو، آمريڪي رياستن ۾ سخت لاڪ ڊائون

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 22 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے