Home / ڪاروبار / اقتصادي رابطا ڪميٽي رمضان ريليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

اقتصادي رابطا ڪميٽي رمضان ريليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي رمضان ريليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تي عملدرآمد 17 اپريل کان شروع ٿيندو. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينجنگ ڊائريڪٽر عمر لوڌي جو چوڻ آهي ته عوام کي رمضان ۾ 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي، رمضان ريليف پيڪيج تي عملدرآمد 17 اپريل کان شروع ٿيندو. ان کان سواءِ اي سي سي اجلاس ۾ بجلي صارفن جي ريليف بابت ڪو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو، حڪومت بجلي صارفن کي 185 ارب رپين جو ريليف پيڪيج ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. عمر لوڌي جو چوڻ آهي ته رمضان ريليف پيڪيج تي عملدرآمد 17 اپريل کان عيد تائين جاري رهندو، يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جو 20 ڪلن جو ٿيلهو 800 رپين ۾ ملندو. هن ٻڌايو ته رمضان ريليف پيڪيج جي تحت شربتن تي 15 سيڪڙو، بيسڻ تي 10 سيڪڙو، کجور تي اوپن مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو سبسڊي ڏني ويندي. يوٽيلٽي اسٽورز تي رمضان ريليف پيڪيج جي تحت چانهه تي 8 کان 10 سيڪڙو سبسڊي هوندي جڏهن ته اي سي سي وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورز کولڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ مهيني جي اندر وڌيڪ 200 يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويندا.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے