Home / شوبز / بالي ووڊ جي اداڪاره دپيڪا پڊوڪون به عابده پروين جي آواز جي ديواني

بالي ووڊ جي اداڪاره دپيڪا پڊوڪون به عابده پروين جي آواز جي ديواني

ممبئي(شوبز) بالي ووڊ جي اداڪاره دپيڪا پڊوڪون به عابده پروين جي آواز جي ديواني نڪتي. ڪورونا وائرس سبب سمورا فنڪار لاڪ ڊائون دوران پنهنجون مصروفيتون ڳولي ورتيون آهن. ڪيترن ئي فنڪارن کاڌو پچائڻ سميت بيڪنگ ۾ مصروف آهن ته ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجي گهر کي جِم بنائي ورتو آهي. جتي هاڻ هو روز ورزش ڪندا آهن. ڪجهه فنڪار پينٽنگ ڪري رهيا آهن ته ڪجهه سوشل ميڊيا تي وقت گذاري پنهنجي ذاتي پسند نا پسند کان مداحن کي آگاهي ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن بالي ووڊ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتان اداڪاره دپيڪا پڊڪون جيڪا هڪ مشهور اداڪاره آهي اها به هن لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ گهر اندر ويهي عالمي شهرت ماڻيندڙ صوفي گلوڪاره عابده پروين جا گيت ٻڌي رهي آهي.هن چيو ته عابده پروين منهنجي پسنديده گلوڪاره آهي سندس گيت تمام گهڻي دلچسپي سان ٻڌندي آهيان.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مون کي پنهنجي شادي هڪ خواب لڳي رهيو آهي: احد رضا مير

ابوظهبي (شوبز) شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪار احد رضا مير کي پنهنجي شادي هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے