Home / تازا ترين / دنيا ۾ ڪورونا جا حملا جاري، فوتين جو انگ هڪ لک 10 هزار کان وڌي ويو

دنيا ۾ ڪورونا جا حملا جاري، فوتين جو انگ هڪ لک 10 هزار کان وڌي ويو

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمگير وبا ڪورونا جا حملا پوري دنيا ۾ جاري آهن ۽ هن وقت تائين 210 ملڪن ۾ 17 لک 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته هڪ لک 8 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن. فوتگين جي حوالي سان آمريڪا هن وقت پهرئين نمبر تي آهي جتي فوتين جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 5 لک 33 هزار 115 ٿي ويو. آمريڪا کان پهريان اٽلي فوتين جي حوالي سان پهرئين نمبر تي هو پر هاڻ هو ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي جتي فوتين جو انگ 19 هزار 468 آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک 52 هزار 271 ٿي ويو آهي. اسپين ۾ به عالمگير وبا جي ڪري 16 هزار 606 ماڻهو موت جي واديءَ ۾ هليا ويا جڏهن ته فرانس ۾ 13 هزار 832 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. چين هن وقت ڪورونا تي ضابطو آڻي چڪو آهي ۽ هاڻ اتي زندگي معمول تي اچي وئي آهي، اتي هاڻ ڪيسن جو انگ 82 هزار 52 آهي جڏهن ته فوتين جو انگ 3339 آهي. بيلجيم ۾ 3 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته جرمني ۾ 2 هزار 871 ۽ ترڪي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن. دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان هن وقت تائين 17 لک 81 هزار 53 ماڻهن مان 4 لک 4 هزار 554 ماڻهو تندرست ٿي چڪا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اٽو مهانگو آهي ته ان ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟: سنڌ حڪومت

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) رياست مدينه جا دعويدار اٽي ۽ کنڊ جا چور نڪتا، پيٽرول ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے