اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وقتي صدر صادق سنجراڻي ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ جي تدارڪ لاءِ حفاظتي قدم اختيار ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته هي اسان سڀني جي سماجي ذميواري آهي ته وڌ ۾ وڌ احتياطي قدم کڻون، ملڻ ۽ جلڻ کي جيترو ٿي سگهي گهٽ ڪري ڇڏيون، هڪ ٻئي سان هٿ ملڻ ۽ ڀاڪر پائي ملڻ کان پاسو ڪريون، وٿي تي رهي هڪٻئي سان ڳالهايون، هن چيو ته احتياطي قدم اختيار ڪري هن بيماري کان پاڻ ۽ پنهنجي گهرڀاتين کان بچائي سگهجي ٿو، محمد صادق سنجراڻي عوام کي اپيل ڪئي ته اڄ اڱاري تي صبح ساڍي 10 وڳي الله تعاليٰ کان گڏجي دعا گهرون، صادق سنجراڻي چيو ته احتياطي قدم اختيار ڪرڻ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ خطري سبب لازمي ٿي ويا آهن.
