Home / پاڪستان / ملڪ جي مزارن جي اڪائونٽس رپورٽ طلب، مزارن تي ڪيترو چندو گڏ ٿئي ٿو: سپريم ڪورٽ

ملڪ جي مزارن جي اڪائونٽس رپورٽ طلب، مزارن تي ڪيترو چندو گڏ ٿئي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سمورن صوبن ۽ اسلام آباد کان مزارن تي گڏ ٿيندڙ چندي تي فرانزڪ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت سمورن ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته مزارن تي ڪيترو چندو گڏ ٿئي ٿو، ٻڌايو وڃي ته چندو ڪٿي خرچ ڪيو وڃي ٿو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سڄي ملڪ جي مزارن جي اڪائونٽس رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس چيو ته مزارن تي گڏ ٿيندڙ پيسا دين لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجن، پنجاب ۾ مزارن جي پيسن سان اوقاف ملازمن جون پگهارون ادا ڪيون پيون وڃن، چيف جسٽس چيو ته اوقاف پنهنجي ملازمن جي پگهارن لاءِ ڪو ٻيو بندوبست ڪري، مزارن جا پيسن سان پگهاورن نه ٿيون ڏئي سگهجن، وڪيل فيصل چوڌري چيو ته مزارن جي پيسن سان مرمت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته مزارن تان پيسو ڪمايو وڃي ٿو، مزارن جي مرمت ڪٿي ڪئي وڃي، چيف جسٽس چيو ته اوقاف جا ملازم خيرات جا پيسا وٺي رهيا آهن، ماڻهو مرادن لاءِ چند ڏين ٿا، چيف جسٽس چيو ته هي پيسا الله جي رستي ۾ خرچ ڪرڻ گهرجن، هن پيسن مان تعليمي ادارا، يتيم خانا بڻائي سگهجن پيا، هن چيو ته مزارن جو چندو ان ڪم لاءِ اسان ماڻهو هر شيءِ جا عادي ٿي چڪا آهن، وڪيل چيو ته چندي جي پيسن مان ڏاج فنڊ ڏنو وڃي ٿو، چيف جسٽس چيو ته ڏاج فنڊ به کاڌو ويو هوندو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رياستن مزارن جي چندي جي محافظ آهي، عدالت ٻڌڻي 2 هفتن کان وڌيڪ وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميرپور ماٿلو جي مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو

گهوٽڪي (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو جي  مين روڊ تي رينجز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اڄ جي سٺي ڳالھ

Facebook

Twitter

تصويرن ۾ خبرون