Home / شوبز / اڳ فضا ۾ پيار هوندو هو، هاڻي ڪورونا وائرس آهي: حرا ماني

اڳ فضا ۾ پيار هوندو هو، هاڻي ڪورونا وائرس آهي: حرا ماني

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا حرا ماني جو چوڻ آهي ته اڳ فضا ۾ پيار هوندو ۽ هاڻي فضا ۾ ڪورونا وائرس هجي ٿو. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا حرا ماني انسٽاگرام تي اداڪار عدنان صديقي سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ۽ عدنان صديقي آمريڪي ايئرپورٽ تي موجود آهن.حرا ماني طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ عدنان صديقي ۽ حرا ماني ڪورونا کي وائرس کان احتياط لاءِ ماسڪ پهريل نظر اچي رهيو آهي. اداڪارا پنهنجي هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته “مونکي ياد آهي ته منهنجو والد صاحب ڳائڻي جان پائول ينگ جو گانو “لو ان دي ايئر” مطلب پيار فضا ۾ هوندو آهي ڳائيندو هو ۽ هاڻي منهنجا ٻار گانو ڳائيندا آهن ته ڪورونا فضا ۾ آهي، جيڪو چين جي شهر ووهان مان آيو آهي. هن لکيو ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين. حرا ماني پنهنجي هن پوسٽ ۾ ڪجهه هيش ٽيگ به استعمال ڪيا. اداڪارا پنهنجي هڪ ٻي پوسٽ ۾ اداڪار همايون سعيد سان به هڪ تصوير شيئر ڪئي. ان کان اڳ به حرا ماني انسٽاگرام تي پنهنجيون تصويرون شيئر ڪيون هيون جن ۾ کيس ماسڪ پهريل نظر اچي رهيو هو.

 

 

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے