Home / پاڪستان / پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا مريضن جو علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو: ڊاڪٽر طاهر شمسي

پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا مريضن جو علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو: ڊاڪٽر طاهر شمسي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين آءِ بي ڊي ۾ بلڊ ڊزيز جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر طاهر شمسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا جي مريضن جو علاج ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، پلازمه ٽيڪنڪ سان ڪرونا مريضن جو علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو، هن چيو ته مريضن جي علاج لاءِ سمورين حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، پلازمه ٽيڪنڪ سان مريضن کي آءِ سي يو، وينٽيليٽر جي ضرورت نه پوندي، هن چيو ته علاج لاءِ ڪرونا وائرس مان صحتياب ماڻهن جو پلازمه ورتو ويندو، پلازمه ٽيڪنڪ ڪرونا جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي آهي، حڪومت سان گڏجي هن هفتي حڪمت عملي جوڙينداسين، هن چيو ته ڪرونا صحتياب مريض هر ٻن هفتن کانپوءِ پلازمه عطيو ڪري سگهندا، مريض جو 25 ڪلو کان گهٽ وزن آهي ته هڪ پلازمه ٻن ماڻهن کي لڳي سگهندو، هن چيو ته وفاق پاران هڪ ٻن ڏينهن ۾ پلازمه ٽيڪنڪ تي فيصلو ٿي ويندو، بلوچستان، ڪي پي ڪي به ان حوالي سان هن هفتي فيصلو ڪري وٺندا، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب پلازمه ٽيڪنڪ سان علاج لاءِ آن بورڊ آهن، ڪرونا مان صحتياب ماڻهن تي ذميواري آهي ته اهي پلازمه عطيو ڪن، صحتياب ماڻهو پلازمه ڏئي ڊاڪٽرز، پيرا ميڊڪ جي صف ۾ بيهي سگهن ٿا، هاڻ مريضن کي بچائڻ لاءِ صحتياب ماڻهو به مددگار بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته پلازمه ٽيڪنڪ شروع ڪرڻ جا 3 قدم کڻڻا پوندا، سڀ کان پهريان معاملو نيشنل بايو ٽڪس ڪميٽي ڏانهن ويندو، حڪومتي ادارن سان لاجسٽڪس طئه ڪيا ويندا، هن چيو ته ڪرونا مان صحتياب ماڻهن کي پلازمه عطيو ڪرڻ تي راضي ڪرڻو آهي، پلازمه عطيو ڪرڻ سان انساني جسم تي ڪو به اثر نٿو پوي، سڄي قوم ڪرونا کان صحتياب ماڻهن ڏانهن وجهائي رهي آهي، هن چيو ته صحتياب ماڻهو ڀائرن، ڀينرن جون حياتيون بچائڻ لاءِ اڳتي اچن، سمورا معاملا طئه ٿيندي ئي ڊونيشن سينٽر جو اعلان ڪنداسين، جيڪڏهن ڪو ڊونيشن سينٽر اچڻ پسند نه ڪري ته رابطو ڪري اسان سندس گهر وڃي پلازمه وٺنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے